اسلام آباد: سنڌ جي آبپاشي وزير سهيل انور سيال پريس ڪانفرنس دوران چيو ته مون کي پاڻي مامري بابت وزيراعظم جي ميٽنگ جو موبائيل تي ميسيج آيو ته انهيءَ وقت مون کي نيب سکر جي پريس رليز به ملي ته توهان خلاف نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته جڏهن مون خلاف نيب انڪوائري شروع ڪئي ته مون سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڳالهايو هو ۽ نيب چيئرمين کي 2 مهينا پهريان اپيل ڪئي هئي ته مون کي ۽ ڊي جي نيب سکر کي به طلب ڪيو وڃي ته مان ان سامهون اهو ثابت ڪندس ته مون مٿان سياسي ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، مون مٿان نيب ڪيس ثابت نه ٿي ڪري سگهي پر مان اهو ثابت ڪري سگهان ٿو ته مون خلاف ڪيس سياسي انجنيئرنگ ڪندي داخل ڪيو پيو وڃي، ان مامري جي جاچ ڪرڻ بجاءِ ريفرنس جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اها منظوري ان وقت ڏني وئي آهي جڏهن مان سنڌ جو پاڻي جو ڪيس کڻي رهيو هئس، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهڙا هزارين ڪيس قبول آهن، پر سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهندس. هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي وزير سهيل انور سيال جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ نيب ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي آبپاشي وزير سهيل انور سيال پاران نيب تي بي بنياد، من گهڙت ۽ حقيقتن جي ابتڙ الزام لڳايا آهن، قانون مطابق سهيل انور سيال خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس ۾ 2018ع ۾ انڪوائري شروع ڪئي وئي، جنهن جون ٺوس شاهديون ۽ مستند دستاويزن ۽ گواهن جي بيانن جي روشني ۾ جنوري 2021ع ۾ ان مامري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪندي مبينا طور تي اربين رپين جا آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس جي جاچ قانون مطابق هلندڙ آهي، ان لاءِ اهو چوڻ ته سهيل انور سيال پاران هاڻي پاڻي جو مسئلو کنيو ويو آهي ته نيب سندس خلاف جاچ شروع ڪئي آهي، اهو الزام نه رڳو بي بنياد، گمراهه ڪن ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، نيب هميشه قانون ۽ آئين مطابق پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ تي يقين رکي ٿي، نيب جو مشورو آهي ته نيب مٿان بي بنياد الزامن بجاءِ پنهنجون تمام توانايون پنهنجي خلاف جاري جاچ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت سوالن جا جواب ڏيڻ تي خرچ ڪيون وڃن.