ڪاجول سياستدانن جي حوالي سان ڏنل بيان تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

0
253
ڪاجول سياستدانن جي حوالي سان ڏنل بيان تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
ڪاجول سياستدانن جي حوالي سان ڏنل بيان تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪارا ڪاجول سياستدانن جي حوالي سان ڏنل پنهنجي بيان تي تنقيد کانپوءِ خاموشي ٽوڙي ڇڏي. ڪاجول ويجهڙ ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ ڀارتي سياستدانن جي حوالي سان چيو هو ته اسان وٽ اهڙا سياسي اڳواڻ آهن جن جو تعليمي پس منظر نه آهي

ڪاجول پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته مان صرف تعليم ۽ ان جي اهميت بابت ڳالهائي رهي هيس، منهنجو مقصد ڪنهن سياسي ليڊر کي هيٺانهون ڏيکارڻ نه هو، اسان وٽ ڪجهه عظيم ليڊرز آهن جيڪي ملڪ کي صحيح رستي تي هلائي رهيا آهن

واضح رهي ته ڪاجول ويب سيريز دي ٽرائل ۾ نظر ايندي جيڪا آمريڪي ڪورٽ روم ڊرامه دي گڊ وائف مان متاثر ٿي ٺاهيل آهي، اها ڪاجول جي پهرين ويب سيريز آهي