کڏڙو (ن پ ا) کپرو ٿاڻي جي حد ٿڌي مشين اسٽاپ وٽ مبينا طور قتل ٿيل کدڙو ببلي فقير جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿيڻ خلاف کدڙن فقيرن جو اڳواڻ سکان فقير کدڙو پاران کڏڙو ميڊيا سينٽر تي پھچي کپرو پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي جو اسان جو ساٿي 22 سالن کان گڏ رھندڙ ببلي فقير کدڙو قتل ٿي ويو آھي کپرو ٿاڻي جو وڏو منشي قاتل گرفتار ڪري پئسن عيوض قاتل آزاد ڪري ڇڏيا آھن. اسان جي کدڙي فقير ببلي کي لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو آھي ببلي فقير وٽان مليل ھزارين رپيا نقدي ۽ سونا زيور کپرو ٿاڻي جي وڏي منشي گم ڪري ڇڏيا آھن . ھن چيو ته وڏو منشي اسان کي دانھڻ تي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. ھن مطالبو ڪيو ته ببلي فقير جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.