مٽياري (رپورٽر ) عيد ويجهو ايندي ئي مٽيارين ۾ چورين جي وارداتن ۾ واڌارو اچي ويو آهي، هڪ ڏينهن ۾ ٽي موٽر سائيڪلون چوري ڪيون ويون ۽ هڪ دڪان کي کاٽ هنيو ويو آهي، ان ڏس ۾ جکريجا اسٽاپ تي قائم محمد بخش خشڪ جي موبائيل فون جي دوڪان کي نامعلوم چور کاٽ هڻي دوڪان ۾ پيل موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا جنهن جي رپورٽ هن ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ٻئي پاسي سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل ٻن مريضن جون ٻه موٽر سائيڪل چور ڪاهي ويا جنهن ۾ ڳوٺ جعفر خاصخيلي جي رهواسي روشن خاصخيلي ۽ ڳوٺ پينار همون پوٽا جي رهواسي امداد لاکو جي به موٽر سائيڪل چوري ٿئي وئي آهي جڏهن ته مين بازار مان به هڪ موٽر چوري ٿي جن جون رپورٽون مٽياري ٿاڻي تي داخل ڪيون ويون آهن، پر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي پئي وڃي.