کورواھ (ن پ ا ) کورواھ ۾ جر جو هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ سبب ڪاري سائي جا وڌيڪ 19 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ٻن ڏينهن ۾ ڪاري سائي جي مريضن جو تعداد وڌي 81 ٿي ويوصحت مرڪز کورواھ تي موجود ڊاڪٽر غلام عباس خواجه ٻڌايو ته هلندڙ مهيني ۾ وڌيڪ 19 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته گذريل ٻن مهينن ۾ ڪاري سائي جي رپورٽ ٿيل مريضن جو تعداد وڌي 81 ٿي ويو آهي، جنهن جو علاج اسان وٽ هلندڙ آهي.  ٻي پاسي هتان جي شهرين قاضي ڪنڀار حافظ ابن ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته حڪمرانن 30 هزار کان مٿي آبادي واري شهر کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو آهي هتي جا شهري صاف پاڻي نه هجڻ ڪري ڪاري سائي ۽ پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر شهر  کي صاف پاڻي نٿو ڏنو وڃي هنن مطالبو ڪيو آهي ته شهر کي جلد صاف پاڻي ڏنو وڃي ته جئين شهري بيمارين کان بچي سگهن.