ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جي چونڊ تڪ ڀان سيدآباد ۾ تعليم کاتي ضلعي ڄامشوري پاران شاگردن سان مذاق ڪيو ويو آهي، چوٿين کان ڪلاس اٺين تائين جي شاگردن توڙي شاگردياڻين جي سالياني امتحان دوران جوابي ڪاپيون فراهم ناهن ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ شاگردن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسڪول انتظاميا توڙي تعليم کاتي امتحان لاءِ جوابي ڪاپيون فراهم ناهن ڪيون، روزانو پيپر لاءِ اسان جوابي ڪاپيون مارڪيٽ مان خريد ڪندا آهيون،هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري ڪريم بخش سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هر اسڪول کي ساليانو ايس ايم سي فنڊ ملي ٿو، امتحاني ڪاپين جو خرچ ڪجهه هزارن ۾ ٿئي ٿو جيڪو ايس ايم سي فنڊ مان ڪري سگهجي ٿو، خبر ناهي ڇو اسڪولن جا استاد ان معاملي کي اشو بڻائين پيا. سرڪار طرفان پيپرن جي ڪاپين جي مد ۾ ڪابه بجيٽ ناهي ملي.