نيويارڪ (دلچسپ نيوز) هوٽلن ۾ گراهڪ اڪثر مينو ۽ کاڌي بابت ڪيترائي بيوقوفاڻا سوال ڪندا رهندا آهن. خاص ڪري آمريڪا ۾ اهڙا سوال وڌيڪ ڪيا ويندا آهن.هاڻ هڪ آمريڪي هوٽل اهڙي ئي حرڪت تي معمولي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊينور ۾ واقع(ٽام هوٽل) جي انتظاميه موجب ڪجهه سوال ته ايترا بيوقوفانه هوندا آهن جو ان تي ڪاوڙ اچي ويندي آهي ۽ ان سبب جي ڪري هڪ سوال تي انتظاميه طرفان 39 سينٽ يا پاڪستاني 45 روپيه ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڏنڊ کي باقاعده بل ۾ به شامل ڪيو ويندو آهي.تازو ئي ريڊ اٽ ويب سائٽ هوٽل جو هڪ بل ڏيکاريو آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي ڪافي شيئر ٿيو آهي پر هوٽل جي جنرل مئنيجر هنٽر لينڊري چيو آهي ته اسان هن دنيا ۾ هلڪو ڦلڪو مزاح شامل ڪرڻ چاهيون ٿا. جڏهن گراهڪ اسان کان سوال ڪندا آهن ۽ جڏهن انهن کي بل پيش ڪيو ويندو آهي ته هو پاڻ پنهنجي سوال تي کلندا آهن.هنٽر موجب پاڻ گراهڪن کي اها تدبير سٺي لڳي آهي ۽ ڪجهه ته ويجهو اچي اهو پڇندا آهن ته مثال جي طور تي ڪهڙو سوال بيوقوفاڻو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪهڙو ٺيڪ رهندو.؟ ان تي هوٽل انتظاميه چيو ته هڪ گراهڪ برف جو آرڊر ڏيندي چيو ته ان ۾ پاڻي هوندو يا نه.؟