ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کائڻ لاءِ ماني، پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ رهڻ لاءِ ڇت ناهي، عمران خان چوي ٿو ته گهٻرائڻو ناهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڪڻڪ سستي آهي پر اٽو مهانگو آهي، ڪمند آهي پر کنڊ جون قيمتون پهچ کان ٻاهر آهن، هي عمران خان جي مافيا جي سرپرستي جا نتيجا ناهن ته ٻيو ڇا آهي؟ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جي نااهلي سبب معاشي تباهي جا داستان رقم ٿي رهيا آهن، ٻڏندڙ معيشت کي بچائڻو آهي ته عمران خان جي حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو.