ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ مري برادري جي حملي ۾ وڳڻ برادري جي 3 ڄڻن ۽ ھڪ ڪار ڊرائيور جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ گھربل 13 ڄڻن مان ڦل پوليس 2 جوابدار آصف مري ۽ علي اصغر مري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. 9 ڏينهن اڳ ڳوٺ حسين بخش وڳڻ جا رهواسي وڳڻ برادري جا ماڻھو ڪورٽ تان حاضري بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن کين ڦل ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ روڪي فائرنگ ڪري استاد عطا محمد وڳڻ، اميد علي وڳڻ، صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ايف آءِ آر ۾ نامزد 13 ڄڻن مان ڦل پوليس 2 ڄڻڻ آصف مري ۽ علي اصغر مري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.