ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ٻار جي حوالگي جي تڪرار تان جوابدار سهيل تي منور نالي شهري کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت جوابدار مٿان 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ وڌو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ٻارڙي جي حوالگي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، عدالتي حڪم تي جوابدار کي پوليس موبائل ۾ ويهاري ٻارڙي کي ڳولڻ لاءِ نڪتاسين، جوابدار ٽوزر ٽاور نيو ٽائون جو پتو ٻڌايو هو، موبائل جي پهچڻ وقت مقتول منور بلڊنگ هيٺ بيٺل هو، جوابدار منور کي ڏسي جيڪٽ مان پستول ڪڍي مٿس چار فائر ڪيا جوابدار سهيل خلاف نيو ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.