گهوٽڪي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران 50 لک رپيا انعام رکيل ڌاڙيلن عبدالقادر جاگيراڻي ۽ ڌاڙيل مير احمد جاگيراڻي پنهنجي ساٿين سان گڏجي جديد هٿيارن جي نمائش ڪندي گهوٽڪي پوليس کي کليل چيلنج ڏئي ڇڏيو. هٿيارن جي نمائش واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. گهوٽڪيءَ ڪچي ۾ي پوليس آپريشن دوران ٻه ڏينهن اڳ ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد مان مبينا طور حراست ۾ ورتل ٻن عورتن کي آزاد نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڏينهن ڏٺي جو سي پيڪ موٽروي تان ماڻهن کي اغوا ڪرڻ ڌمڪي ڏني آهي. بدنام ڌاڙيل ميراحمد جاگيراڻي ۽ عبدالقادر جاگيراڻي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پوليس اسان جي گهرن تي بناجواز چڙهائي ڪري ٻن عورتن کي کنڀي وئي آهي. جيڪڏهن پوليس اسان جي عورتن کي 24 ڪلاڪن اندر آزاد نه ڪيو ته ماڻهو اغوا ڪنداسين، جنهن جو ذميوار ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو هوندو. بدنام ڌاڙيل عبدالقادر جاگيراڻي ڌمڪي ڏيندي وڌيڪ چيو آهي ته اسان سي پيڪ موٽروي تان مسافرن کي اغوا ڪرڻ سان گڏ پوليس پڪٽن تي به حملو ڪنداسين. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته پوليس ڌاڙيلن جو عورتون ناهن کنيون، باقي سي پيڪ تي سيڪيورٽي جا انتظام بهتر آهن.