ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جيستائين حڪمران عياشين ۾ رهندا،  تيستائين اسين سمورين نعمتن کان محروم رهنداسين، ڪراچي ملڪ جو دل ۽ دماغ آهي،  انهي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان کي هر وقت آءِ ايم ايف کان پنڻو ٿو پوي، ڪراچي جي صنعتن کي بهتر ڪري اسان پنهنجي معيشيت ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا، هن چيو ته  ڪراچي جي عوام کي حڪومت حق نٿي ڏئي، آدمشماري ۾ به ڪراچي وارن سان ڌانڌلي ڪئي وئي ، هن چيو ته جن تڪبندين جو سبب ڄاڻائي مڪاني اليڪشن جو بائڪاٽ ڪيو، اهي قومي اسيمبلي جي ضمني چونڊ ۾ حصو ڇو پيا وٺن؟ قومي تڪ بنديون به ٺيڪ ٺهيل ناهن، اهي 2018 واري چونڊ وڙهيا،  هاڻي وري ننڍي چونڊ به وڙهن پيا، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.