اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ واري ڪيس ۾ ڪراچي جي موچڪو ٿاڻي جي پوليس اڊيالا جيل پهچي شيخ رشيد کان پڇاڳاڇا ڪئي، جاچ ٽيم شيخ رشيد کان سوال ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري لاءِ توهان گٿا لفظ ڇو ڳالهايا؟ جنهن تي شيخ رشيد چيو ته منهنجي مٿان تشدد ٿيل آهي، في الحال اهڙن سوالن جا جواب نه ٿو ڏئي سگهان، مون بلاول خلاف سياسي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، منهنجي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو،  موچڪو ٿاڻي جي پوليس شيخ رشيد بيان قلمبند ڪرڻ بعد واپس رواني ٿي وئي.