ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ۾ ٻن ورهين کان زرعي زمين تي هڪ ئي خاندان جي محمد حسن ڊکڻ ۽ سندس پڦاٽ عباس حسين ڊکڻ وچ ۾ هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ڪالهه غيرآباد زمين تي عباس حسين پاران ٽريڪٽر هلائڻ شروع ڪيو ته ٻئي ڌر جي محمد حسن ڊکڻ پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، ان موقعي تي عباس حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زمين سندس والدهه فردوس مختيار جي آهي، جنهن جا دستاويز مون وٽ موجود آهن، هن چيو ته محمد حسن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جتان فتويٰ منهنجي حق ۾ آئي، هوڏانهن محمد حسن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته زمين تي مسئلو هلندڙ آهي، جنهن جو عدالت ۾ ڪيس هلي پيو، اسان راڄوڻي لاءِ به راضي آهيون، پ پ اڳواڻ ذوالفقار ڪماريو ٺاهه ڪرائڻ لاءِ آيو هو، معظم عباسي وٽ تاريخ مقرر ٿي جنهن بعد هو نه آيا، هاڻي به ڪٿي ويهي راڄوڻي ڪندا ته مان انڪار نه ڪندس. هن چيو ته قبضو منهجو آهي ۽ زمين ۾ مون سميت ٻيا حصيدار آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي جي خدشي سبب ڪم بند ڪرايو آهي، زمين جو مسئلو روينيو کاتي جو آهي، جيڪي اچي حل ڪندا.