سنجرچانگ (ن پ ا) سنجرچانگ شھر ۾ چور اشوڪ موبائل زون جي دڪان مان شٽر ٽوڙي 15 کان مٿي موبائل ۽ 20هزار روڪ رقم چوري ڪري ويا، ان حوالي سان متاثر اشوڪ ڀيل ٻڌايو ته چوري جو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو آهي، جنهن بعد ايس ايچ او دڪان تي پهچي معائنو ڪيو، پوليس موجب جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.