سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي علائقي مور لڪ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي تي مٽي ڀريندڙ پورھيت 27 ورھين جو احسان پٽ جمال الدين پرارو مٽي جي ڀڪ مٿان ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ساڻس گڏ مزدوري ڪندڙ عرضي رند به دٻجي زخمي ٿي پيو، رڙين تي مقامي ماڻھن مٽي جي ڀڪ مان ٻاھر ڪڍي فوتي پورهيت جو لاش ۽ زخمي کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف اسپتال مان فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.