بجلي ٽيرف ۾ اضافو آءِ ايم ايف جو مطالبو ناجائز آهي: شوڪت ترين

0
252

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين بجلي ٽيرف ۾ اضافي جو مطالبو ناجائز قرار ڏيندي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي پروگرام تي نظرثاني جو اشارو ڏئي ڇڏيو، هن چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان زيادتي ڪئي، بجلي ٽيرف ۾ آءِ ايم ايف جو مطالبو ناجائز آهي، معيشت ڦيٿو نه پيو هلي، ٽيرف وڌائڻ سان ڪرپشن وڌي رهي آهي، هن چيو آهي ته جي ڊي پي گروٿ 5 سيڪڙو تائين نه کڻي وياسين ته آئينده 4 سالن تائين ملڪ جو الله حافظ، آءِ ايم ايف کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ٽيرف وڌائڻ سان مهانگائي شرح ۾ آئي ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته گردشي قرض گهٽ ڪنداسين پر ٽيرف وڌائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، آءِ ايم ايف سان بجلي ٽيرف تي ڳالهه ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکان ٿو، رميش ڪمار جي بيان تي هن چيو آهي ته مون کي نه ٻڌايو ته ڪهڙا پلان ٺاهڻا آهن، توهان شوڪت عزيز کان وٺي هن وقت تائين سڀني کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، توهان سمورن وزيرن ۾ مون کي به شامل ڪري ڇڏيو، مان آءِ ايم ايف سان بهتر انداز ۾ ڳالهيون ڪيو، هن وقت آءِ ايم ايف سان پروگرام ڪندي 40 سيڪڙو پيسا ورتا هئا.