ڇا مارشل لا لڳي ويو هو؟، شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جا نالا فوري ڪڍيا وڃن: چيف جسٽس

0
207
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائيءَ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ مرزا شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ايف آءِ اي جا بااختيار آفيسرز به عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر لا ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته کيس ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جو خط مليو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ غيرمعمولي صورتحال آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا مارشل لا لڳي ويو هو، شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جا نالا ٽاپ لسٽ مان فوري طور تي ڪڍيا وڃن

ان موقعي تي ڊائريڪٽر قانون ٻڌايو ته ايف آءِ اي زون اسلام آباد مان درخواست ملي آهي، ٻه انڪوائريون داخل ڪيون ويون آهن

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هي سنگين معاملو آهي، ايف آءِ اي ان عدالت ۾ باقاعده حاضري ڀريندي آهي، ڇا هاڻي ڪا نئين ايف آءِ اي اچي وئي آهي، عدالت اهڙي اجازت نه ڏيندي ۽ حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ انتقامي ڪارروائي جي اجازت نه ڏينداسين

درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته عدالت جي حڪم تي عمل ناهي ڪيو ويو، نالا اڃا تائين اسٽاپ لسٽ ۾ شامل آهن

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ اي ايتري آزاد ڪڏهن ٿي وئي جو ان سرڪاري ماڻهن خلاف انڪوائري شروع ڪئي آهي؟ ايف آءِ اي جي 2 سالن جي ڪردار جو جائزو وٺي رهيا آهيون، نالا اسٽاپ لسٽ ۾ وجهڻ جو ڪهڙو قانون آهي؟

شهزاد اڪبر چيو ته هنن کان پڇو ته ڇا انهن سرڪاري ملازمن خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي جن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ آهن

چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته اهي طريقا پراڻا ٿي ويا آهن، شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جا نالا فوري طور اسٽاپ لسٽ مان ڪڍيا وڃن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي جي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن کي به حراسان نه ڪيو وڃي، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ گهرو سيڪريٽري 18 اپريل تائين رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪن

ھي به پڙھندا

پاڪ فوج قومي سلامتيءَ تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي: فارميشن ڪمانڊرز