29 نومبر 2022ع خميس جي ڏينهن تي آمريڪا جي دفاعي کاتي پينٽاگون طرفان آمريڪن ڪانگريس ۾ چين جي هٿيارن ۽ چين جي جنگي قوتن بابتPeoples republic of China,   Military and Security Development Involving the جي نالي سان هائوس ۾ پيش ڪيل رپورٽ مختلف عالمي اخبارن ۾ شايع ٿي. پينٽاگون طرفان پيش ڪيل اها رپورٽ ڪجهه ڏينهن کان عالمي ميڊيا اندر بحث جو موضوع رهي آهي. هونئن ته چين  آمريڪا ڇڪتاڻ ڪو نئون لقاءُ ناهي پر آمريڪا جي دفاع سان لاڳاپيل اهم اداري طرفان پنهنجي رپورٽ ۾ چين کي  سڀ وڏو خطرو قرار ڏيڻ ان هلندڙ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ واضح ڪري بيهاري ٿو. پينٽاگون طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب چين گذريل سال بيلسٽڪ ميزائيلن جا ايترا تجربا ڪيا جيڪي پوري دنيا گڏيل طور به نه ڪيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايندڙ ڏهاڪن دوران چين جي نيوڪليئر هٿيارن جو انگ 1500 تائين ٿي ويندو. رپورٽ جي جواب ۾ چين جي آمريڪا ۾ موجود سفارتخاني جي ترجمان چيو آهي ته: اسين ان رپورٽ کي رد ڪيون ٿا. رپورٽ حقيقتن جي ابتڙ ۽ تعصب سان ڀريل آهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ان رپورٽ کي “چين جي ايٽمي خطري” واري نام نهاد نظريي کي وڌائڻ  لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ ايٽمي خطري جو وڏو ذريعو ٻيو ڪير نه خود آمريڪا آهي. آمريڪا ۾ موجود چيني سفارتخاني جي ترجمان ليو پينگيو وڌيڪ چيو ته چين جي ايٽمي هٿيارن کان ڪنهن به ملڪ کي خطرو نه ٿيندو جيسيتائين اهو چين خلاف ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو. (پڙهو واشنگٽن پوسٽ 30 نومبر 2022ع) آمريڪا جي دفاعي کاتي طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ويهين ڪانگريس ( 16 آڪٽوبر کان 22 آڪٽوبر 2022ع) جي شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ آمريڪا طرفان نيشنل سيڪيورٽي اسٽريٽيجي پاليسي جي پسمنظر ۾ اچو ته چين  آمريڪا ڇڪتاڻ جي ويجهي ماضي جو تجزيو ڪيون:

چين آمريڪا لاءِ خطرو ڇو؟

آمريڪي صدر جوئي بائيڊن صدارتي عهدي سنڀالڻ شرط پنهنجن تقريرن توڙي پاليسين وسيلي بار بار ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪندو رهيو آهي ته سندن پهرين ترجيح چين آهي. چين کان معاشي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ، چين کي آمريڪا جي اثر هيٺ رهندڙ ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ ۾ رنڊڪون وجهڻ يعني هر اهو ڪم جنهن سان چين کي دنيا جي سياست، معيشت ۾ اڳتي وڌڻ کان روڪيو وڃي اهي ڪجهه شيون آمريڪا جي ترجيحن ۾ شامل آهن. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ويهين ڪانگريس ( 16 آڪٽوبر کان 22 آڪٽوبر 2022ع) تائين جنهن ۾ چيني صدر شي جن پنگ کي ٽئين مدي لاءِ صدارت جي منظوري ڏني وئي ان ڪانگريس جي شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ آمريڪا پنهنجي نيشنل سيڪيورٽي اسٽريٽجي جو اعلان ڪيو هو.

جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته سندن وڏو مقصد، ترجيح چين کان اڳتي نڪرڻ آهي. آمريڪا پنهنجي ان رويي سان اها ڳالهه ثابت پيو ڪري ته چين ڀل معاشي طور پنهنجي وڏي طاقت ۽ جاهه و جلال سان اڳتي اچي، شي جن پنگ ڀل عالمي طاقت جي توازن ۾ وڏي طاقت طور اڀري اچي پر آمريڪا به ساڻن مقابلي لاءِ تيار آهي. هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هن وقت سرد جنگ جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ عالمي نظام جي نئين سر جوڙجڪ ۾ دنيا جي وڏين طاقتن وچ ۾ مستقبل ۾ پنهنجي پوزيشن بهتر ڪرڻ لاءِ مقابلو جاري آهي. هاڻوڪي آمريڪي صدر بائيڊن جي اچڻ شرط پنهنجي پاليسي بيانن ۾ چين سان مقابلي ڪرڻ جون ڳالھيون ڪرڻ يا هاڻ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ويهين ڪانگريس کان اڳ آمريڪا طرفان جاري ڪيل پنهنجي نيشنل سيڪيورٽي اسٽريٽجي ۾ چين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ زور ڏيڻ ۽ پينٽاگون جي طرفان چين جي جنگي قوت بابت رپورٽ وغيره انهن ڳالهين مان اهو واضح ٿئي پيو ته هاڻ آمريڪا خود اها ڳالهه سمجهڻ شروع ڪئي آهي ته عالمي سياست ۽ موجوده ورلڊ آرڊر کي تبديل يا پنهنجي مرضي منشا موجب هلائڻ جي سگهه چين حاصل ڪري چڪو آهي.

چين معاشي، سياسي، سفارتي، فوجي، ٽيڪنالاجي معاملن تي ايتري ترقي ڪري ورتي آهي جو آمريڪا چين کي پنهنجي لاءِ خطري ۽ موجوده ورلڊ آرڊر تي حاوي ٿيندڙ قوت طور ڏسي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو چين هاڻ آمريڪا جي پاليسي يا آمريڪا جي ايندڙ وقت جي پلان ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. آمريڪا رڳو بياني سطحن يا فقط پاليسي ترتيب ڏيڻ تائين محدود ناهي پر ان سلسلي ۾ آمريڪا طرفان چين کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ پڻ آهي.اچو ته ان مٿان ٿوري نظر وجهون:

چين کي روڪڻ لاءِ آمريڪي ڪوششون

آمريڪا جو افعانستان مان نڪرڻ ڪو اهڙو سولو لقاءَ ناهي پر اهو وڏي حڪمت عملي جو حصو هو. چين ڇاڪاڻ ته معاشي طاقت آهي ۽ چين واپار وسيلي دنيا سان ڳنڍجڻ چاهي ٿو، چين کي ان مقصد لاءِ امن امان جي ضرورت آهي. افعانستان مان جلدي نڪري خطي اندر امن جو مسئلو پيدا ڪرڻ ڪنهن جي مفادن کي ڌڪ رسائڻ هو؟ ظاهر آهي طئي ٿيل تاريخ کان اڳ نڪري وڃڻ، پنهنجا ڪروڙين رپين جا جنگي جهاز ۽ ٻيو ساز و سامان ڇڏي وڃڻ ان پاليسي جو حصو هو ته علائقي ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ڪري چين جي رستا روڪ ڪئي وڃي. (اهو الڳ بحث آهي ته افغان معاملي ۾ چين ڪيئن پنهنجي مثبت ۽ بهتري پاليسي وسيلي آمريڪا جي ان ڄار مان نڪرڻ ۾ هينئر تائين ڪامياب نظر اچي ٿو.) ان ڏس ۾ آمريڪا چين خلاف پنهنجن اتحادن کي پڻ گڏ ڪري سرگرم ڪري رهيو آهي. نيٽو، ڪواڊ وغيره وغيره جون گڏجاڻيون ڪوٺائي کين چين خلاف کڙو ڪرڻ آمريڪا جي طرفان چين کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

تائيوان مسئلو

ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو هڪ اهم محرڪ تائيوان پڻ آهي. جنهن جو واضح مثال پينٽاگون جي ترجمان جنرل پيٽرڪ رائيڊر جي هڪ آمريڪن اخبار جي رپورٽن سان ڪيل ڳالھه ٻولھه آهي جنهن ۾ هُن ٻين ڳالهين سان گڏ آمريڪن هائوس جي اسپيڪر جي تائيوان دوري ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ان دوري بعد چين طرفان بحري فوجي سرگرمي، ميزائيل تجربا وغيره وڌيڪ تيز ڪيا ويا شايد تائيوان معاملي تي اهي سرگرميون اشارو هجن. پيٽرڪ رائيڊر وڌيڪ چيو ته گهڻن جي خيال موجب 2027ع ۾ پيپلز لبريشن آرمي جي 100 هين سالگره ۽ شي جن پنگ طرفان آرمي جي جديديت لاءِ جوڙيل پلان جي تاريخ تي تائيوان کي حملي لاءِ ڳڻتي هجڻ گهرجي. (پڙهو واشنگٽن پوسٽ 30 نومبر 2022ع)  چيني صدر شي جن پنگ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ويهين ڪانگريس کي خطاب دوران چيو ته اسان “ون چائنا” پاليسي کي برقرار رکنداسين ۽ تائيوان جي علحدگي جي ڪنهن به ڪوشش کي شڪست ڏينداسين. پر ڏٺو وڃي ته آمريڪي عملدارن ۽ صدر بائيڊن طرفان تائيوان معاملي تي مختلف وقتن تي عجيب غريب بيان ايندا رهن ٿا.

ويجهڙائي ۾ آمريڪا تائيوان کي هڪ ارب ڊالرن جا هٿيار ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. آمريڪا جي ھائوس جي اسپيڪر نينسي پلوسي ۽ ڪانگريس جي ڪجهه ميمبرن تائيوان جو دورو پڻ ڪيو جنهن تي پڻ چين کي اعتراضات هئا ۽ چيو پيو وڃي ته آمريڪي ڪانگريس تائيوان کي 5 سالن لاءِ 10 ارب ڊالرن جي فوجي امداد ڏيڻ جي منظوري ڏيڻ واري آهي. توڙي جو تائيوان ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو ميدان آهي جنهن جو ثبوت تازو ئي پينٽاگون طرفان چين بابت جاري ڪيل رپورٽ آهي

جنهن ۾ آمريڪا پاران چين جي تائيوان لاءِ مستقبل جي لائحه عمل بابت تشويش ظاهر ڪئي وئي آهي. پر چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻين ڪيترن ئي ميدانن تي ڇڪتاڻ پڻ جاري آهي، چين جو ون بيلٽ منصوبو، چين جي سيڙپڪاري، چين جو دنيا جي معيشت مٿان حاوي ٿيڻ، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ اهي سمورا معاملا آهن جن تي آمريڪا چين کي پوئتي رکڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته چين آمريڪا لاءِ امپورٽ جو وڏو ذريعو آهي، چين آمريڪي شهرين کي سستيون شيون فراهم ڪري ٿو. چين سان ان ڇڪتاڻ ۽ چيني واپار ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ سبب پيدا ٿيل واپاري جنگ ئي شايد هاڻوڪي آمريڪي صدر بائيڊن جي پنهنجي ئي ملڪ ۾ مقبوليت کي ڌڪ رسائڻ جو سبب هجي. چين آمريڪي پيداوار ۽ شين جي وڏي منڊي آهي. چين سان ٿيندڙ واپار ۾ آمريڪا طرفان لڳايل ٽيڪسن ۾ واڌ سبب چين  آمريڪي ڇڪتاڻ وڌي آهي، آمريڪا جون اهي پاليسون، چين سان وڌندڙ ڇڪتاڻ، واپاري جنگ ڪٿي وڃي دنگ ڪندي ان جو فيصلو ته وقت ئي ڪندو پر هينئر تائين هڪ ڳالھه پڌري ٿيندي پئي وڃي ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ هٿيارن جي زور تي دنيا مٿان بادشاهت ڪندڙ، دنيا جو امن امان تباهه ڪندڙ، ٽئين دنيا جي ملڪن مٿان اقتصادي غلبو حاصل ڪري اتان جي ڪٺ پتلي حڪمرانن ۽ ڊڪٽيٽرن وسيلي سڄو سياسي ڪاروبار هلائي حقيقي جمهوريت کي ڌڪ رسائيندڙ، دنيا جي ڪروڙين ماڻهن جي قاتل، دنيا جي پرامن ماحول کي بگاڙيندڙ، وڏي عرصي تائين دنيا جي اڪيلي چڱي مڙس طور هلندڙ آمريڪا بهادر جي چڱ مڙسي هاڻ گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندي ۽ دنيا مختلف طاقتن جي اثر ۾ هلڻ ڏانهن وڌي پئي.