ڪالهه 4ڊسمبر تي سموري سنڌ سميت دنيا جي مختلف خطن ۾ ثقافتي ڏھاڙو (ايڪتا ڏھاڙو )شاندار نموني ملھايو ويو   سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان  جيڪي منظر نظر آيا انھن منظرن ۾ مون کي ھڪ نئين سنڌ نظر آئي. ڪالھه اسان ڏٺوسين ته سنڌ جي ماڻھن ايڪتا ڏھاڙي جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏئي ۽ سنڌ ثقافتي ڏھاڙو (ايڪتا ڏھاڙو) ملھائي دنيا کي اھو پيغام ڏنو ھوته اسان سنڌي ماڻھو پنهنجي تھذيبي ثقافتي قدرن جا امين آھيون ۽ پنهنجي ڌرتي تاريخ آرٽ ۽ ٻولي سان بي پناهه محبت ڪيون ٿا ۽ پنهنجي ثقافت جي وارثي ڪرڻ ڄاڻون ٿا ڪراچي ۾  ايڪتا ڏھاڙي جي مک تقريب ۾ ھزارين سنڌين جي شرڪت ۽ موسيقي جي رنگن ۾ايڪتا جا نوان رنگ نظر آيا.  اھڙي ريت سموري سنڌ ۾ ايڪتا جا ڀرپور رنگ نظر آيا. درحقيقت  ايڪتا ڏھاڙي سنڌ جي شعورکي ھڪ نئون رخ ڏنو آهي. ڪنهن به سماج ۾ قوم جي رھڻي ڪھڻي اٿڻي ويھڻي ريتن رسمن رواجن کاڌ خوراڪ پوشاڪ ۽ اخلاقي قدرن جي گڏيل مجموعي جو نالو ثقافت آهي. ياايئن  کڻي چئجي ته ثقافت سماج ۾ قومي سڃاڻپ جي پيڙھه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي.ھونئن ته سنڌ جي ثقافت جا رنگ پڻ سرس رھيا آهن. ڪپڙو اڻڻ کان وٺي رڱاوت جو ڪم ڪرڻ سنڌ جي ثقافت سان سلھاڙيل آهي .ثقافت جو ھڪڙو ڪارج اھو پڻ آهي ته اسان پنهنجي سماج ۾ ھڪ اھڙو سگھارو ماحول جوڙيون جيڪو نج ثقافتي قدرن ۽ مثبتي روين سان ٽمٽار ھجي.سنڌ جي ثقافت ۾ جتي رسم رواج  سنئوڻ ساٺ رھڻي ڪھڻي لوڪ گيت راسوڙا ھمرچا نمايان رھيا آهن ته اتي سنڌ جا روايتي قدر۽ صوفياڻارنگ پڻ سنڌ جي سڃاڻپ جو اھڃاڻ رھيا آھن . ٿوري ۾ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي ثقافت سنڌ  جو سمبل آهي. جيتوڻيڪ ايڪتا ڏهاڙو هاڻي سنڌ ۾ سماجي ڳانڍاپي جو هڪ اهم ذريعو بڻجي ويو آهي. پربنيادي سوال اھو پڻ آهي  13سالن جي ھن عرصي ۾ اسان ايڪتا ڏھاڙي جي اھميت ۽ افاديت کي ڪيترو سمجهي سگھيا آھيون؟ ڇا ايڪتا ڏھاڙي ذريعي اسان سنڌ ۾ ڪا  مثبت تبديلي آڻي سگھيا آھيون؟ يا ايڪتا ڏھاڙي ذريعي ڪا تعليمي چڻنگ  ٻاري سگھيا آھيون جيتوڻيڪ انھي ڏھاڙي جي ڪري سنڌ کي دنيا ۾ ھڪ نئين سڃاڻپ ملي آهي پرھي سوال غور طلب آهي ته سنڌ جي تعليم ۽ ترقي لاءِ اسان ڪيترا سنجيده آھيون ۽انهيَ ڏس ۾ پنهنجو ڪھڙو  ڪردار ادا ڪري رھيا آهيون؟ اسان جي سنڌ جي ثقافت ڪھڙو رخ ورتو آهي سنڌي ٻولي جي ترقي واڌاري لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ سنڌي ميڊيا ته سنڌ کي گڏجڻ لاءِ ھڪ سگھارو پليٽ فارم مھيا ڪري ڏنو آهي ۽ اھو پليٽ فارم قومي ايڪتا جو آهي ۽ قومي ايڪتا ذريعي اسان پنهنجي وجوديت ۽ بقا جي جنگ وڙھي پڻ سگھون ٿا. جنھن سنڌ کي اسان پنهنجي جند چئون ٿا انھي سنڌ جي ترقي لاءِ پڻ اسان کي گھڻ رخي پھلوئن تي سوچڻ ويچارڻ گھرجي. اھائي سنڌ آھي جيڪا اسان جي وجود جو حصوآهي  ڪالھه جڏهن ايڪتا ڏهاڙو  ملهايو پئي ويوته اتي سنڌ جي وجوديت جو سوال پڻ اسان جي اڳيان آهي انھي ڪري ھن ڏھاڙي کي ڌرتي ماءَ جي اجتماعي مفادن کي سامهون رکي ملھائڻ گھرجي ۽پنهنجي ڌرتي جي وارثي لاءِ عملي طور تي اڳتي اچڻ گھرجي. سنڌ جي وجوديت تعليم ۽ ترقي لاءِ ھڪ سگھارو آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽سنڌجي شھرن ۽ ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھي سنڌ جا سمورا شھر اسان جا آهن ھي ڪراچي پڻ اسان جي آهي ڪارونجھر کان وٺي ڪشمور تائين  سموري سنڌاسان جي وجود جو ھڪ حصو آهي.انھي سنڌ جي ترقي لاءِ گھڻ رخي پھلوئن تي سوچڻ ويچارڻ جي ضرورت آهي اسان جا شھر يا ڳوٺ جيڪي نڌڻڪائپ جو شڪار آهن انھن جي ڌڻيپ ضرور ٿيڻ گھرجي. ايڪتا ڏھاڙو سنڌ ۾ وڏيرڪي سوچ جي خاتمي ۽ سنڌ جي تعليم جي سڌاري جو ڏھاڙو ھجڻ گھرجي ۽ سنڌي ميڊيا سنڌ ۾  بھتر تعليمي نظام لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سنڌ کي ھڪ سگھارو vision گھرجي اھو تعليم۽ سگھاري رٿابندي سان ممڪن آهي. جيڪڏهن اسان جي سنڌي سماج جو ھر فرد پنهنجي حصي جو ڪم ديانتداري ۽ ذميواري سان ڪندو رھي ته  سنڌ ترقي جي راھن ڏانهن گامزن ٿي سگهي ٿي. گذريل 13سالن دوران ھن وقت تائين جيڪي ايڪتا ڏھاڙا ملھايا ويا آھن ان جو سنڌ جي معاشري تي ھاڪاري اثر پيو آهي  ۽ سنڌ ۾ نيون اميدون جاڳي پيون آھن، سنڌ اسان جي وجود جو ھڪ حصو آهي. انھي سنڌ جي ترقي تعليم سان ئي سلھاڙيل آهي، بدقمستي سان سنڌ جي تعليمي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي پاڪستان جي ٻين صوبن جي تعليم جي شعبي  ۾ ڪافي بھتري آئي آهي پر ھتي تعليمي صورتحال خراب آهي.

پاڪستان جي ٻين صوبن ، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي تعليم ۾ ته ڪافي بهتري آئي آهي پر بلوچستان توڙي سنڌ تعليم جي شعبي ۾ ڪا خاص ڪارگردگي نه ڏيکاري سگهيا آهن. بھتر تعليم ۽ نشونماءَ لاءِ تمام غير نصابي سرگرمين کي پڻ فوقيت ڏيڻي پوندي  تعليم جي بھتري لاءِ جي رڳو تجربن بجاءِ تعليمي نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو. ھي دور  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي  انھي ڪري اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي سمجهڻ گھرجي هن تي ئي وڌ ۾ وڌ سرمائيڪاري ڪرڻي پوندي. انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم کي اهميت ڏيڻي پوندي جيئن اسانجي ايندڙ نسل دنيا سان گڏ هلي سگهي.  فرسوده نظام جو خاتمو پڻ تعليم سان ئي ممڪن آهي وقت جي تقاضا آهي ته  اسان پنهنجي نئين نسل کي بھتر تعليم ڏياري ھڪ اھڙو سماج جوڙيون جيڪو سماج اسان جي ترقي جو ضامن ھجي سنڌ ۾ تعليم جي بھتري لاءِ مثبت طريقي سان جاڳرتا مھم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعليم ۽ قومي ايڪتا ذريعي اسان ھڪ نئين سنڌ جي اڏولتا جي خوابن کي ساڀيان بڻائي سگھون ٿا خوشحال سنڌ جو خواب تعليم ۽ايڪتا ذريعي ممڪن آهي.