چونڊ مهم ۾ شرڪت: وزيراعظم جي درخواست تي الڪيشن ڪميشن کان جواب طلب

0
200
چونڊ مهم ۾ شرڪت: وزيراعظم جي درخواست تي الڪيشن ڪميشن کان جواب طلب
چونڊ مهم ۾ شرڪت: وزيراعظم جي درخواست تي الڪيشن ڪميشن کان جواب طلب

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف وزيراعظم جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق وزيرن ۽ وزيراعظم جي چونڊ مهم ۾ شرڪت تي پابندي خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ٽن صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

عدالتي فيصلي موجب نوٽيس جي باوجود اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ اسد عمر کي روڪيل حڪم نامو نه ملي سگهيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مُک پٽيشن ۽ مختلف گڏيل درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت ڪيس ۾ مدد لاءِ اٽارني جنرل خالد جاويد خان کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

لکت واري حڪم موجب درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 28 مارچ تي ٿيندي، وزيراعظم عمران خان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ وزيرن تي چونڊ مهم ۾ پابندي لڳائڻ قانون  جي خلاف آهي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وزيراعظم عمران خان، وڏي وزير محمود خان، وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، مراد سعيد ۽ صوبائي وزيرن محب الله ۽ ڊاڪٽر امجد علي کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، جنهن کي اسلام آباد ۾ چئلينج ڪيو ويو هو

 

ھي به پڙھندا

حيدرآباد عدالت جو اسٽور انچارج ۽ ايريا مينيجر کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا