چونڊڪو (ن پ ا) سوراهه ٿاڻي جي حد چونڊڪو ڀرسان سائدو واري علائقي جي ڳوٺ خاوند ملاح ۾ زمين جي مالڪي تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ڌر پورهيت روشن علي ملاح جي گهر تي ڪاهه ڪري ڏني، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مسمات انورخاتون ملاح، مسمات خورشيدان ملاح، روشن علي ملاح، پرويز علي ملاح ۽ بلاول ملاح سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمي عورت مسمات انورخاتون ملاح جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.