ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽  زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي نئين اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته اپريل ۾ اهم فيصلا نه ڪيا ويا ته مئي ۾ ڪيترائي ماڻهو جيلن  يا پرڏيهه ويندي ڏسان ٿو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ملڪ جون حالتون مستقبل ۾ بهتر نظر نه اچي رهيون آهن، چونڊون ملتوي ٿيون ته ملڪ ۾ ايمرجنسي به لڳي سگهي ٿي. هن چيو ته عام چونڊون ٿيون،  تڏهن به عمران خان وزيراعظم نه بڻجندو،  ڪو ٻيو اچي سگهي ٿو، هن چيو ته عمران خان غلطيون ڪندو رهندو،  اليڪشن آڪٽوبر ۾ نه ٿي سگهندي،  منظور وساڻ چيو ته اسان اليڪشن لاءِ تيار آهيون، آڪٽوبر ۾  نه ته آگسٽ ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي،  منظور وساڻ چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ سخت مقابلو ٿيندو. جيڪڏهن پنجاب ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي ته ڪي پي ۾ ڇو نه؟