پٽس برگ (م ڊ): پٽس برگ ۾ يهودين جي عبادتگاهه تي فائرنگ ڪري 11 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، 50 ورهين جي رابرٽ باورز تي 11 ڄڻن کي قتل سميت درجنين قلم مڙهيل آهن، جنهن 27 آڪٽوبر 2018 تي پٽس برگ ۾ يهودين جي عبادتگاهه تي فائرنگ ڪري ڏني هئي.اولهه پينسلوينيا ۾ آمريڪي ضلعي عدالت ۾ 12 ججن تي ٻڌل بينچ کي ڊگهي هلندڙ ڪرمنل ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بينچ فيصلو ڪري ورتو ته جوابدار ڏوهي آهي ته کيس عمر قيد يا ڦاهي جي سزا جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. موت جي سزا ڏيارڻ لاءِ وفاقي پروسيڪيوٽرز کي باورز خلاف مختلف رخن جو جائزو وٺڻو پوندو، جنهن ۾ اڳواٽ رٿيل ميڙ تي حملو ۽ اهو ته هن ڪمزور متاثرن کي نشانو بڻايو،  ڪورٽ جي ٻڌڻي دوران باورز جا وڪيل هميشه اهو دهرائيندا رهيا آهن ته باورز شيزو فينيا سميت مک ذهني مرض جو شڪار آهي، استغاثه جي وڪيلن موجب باورز سدائين آن لائن گاريون ڪڍندو رهندو هيو ۽ يهودين جي عبادتگاهه تي حملي وقت هن دانهون ڪيون ته “سمورن يهودين کي مرڻ کپي“. حملي ۾ 5 پوليس عملدارن سميت 2 بزرگ عبادت گذار ۽ ٻه ٻيا ماڻهو به زخمي ٿيا هئا. باورز پوليس سان مقابلي بعد زخمي ٿي پيو هيو ۽ پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هيو، وفاقي اختيارين ٻڌايو ته باورز هٿيارن سميت شهر جي اسڪويرل هل نيبر هوڊ ۾ يهودين جي عبادتگاهه ۾ داخل ٿيو، جتي جا اڪثر رهواسي يهودي آهن.