چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جون سهولتون اڻلڀ، مريض رلي ويا

0
177

لاڙڪاڻو (ن پ ا) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ ڪري مريض رلي ويا، رتوديرو ڀرسان بجلي جي ڪرنٽ ۾ زخمي ٿيل بلال علي جو علاج نه ٿيڻ تي سندسن وارثن پاران دانهون ڪيون ويون آهن

 ان موقعي تي بلال جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي پيو هيس، جنهن کان پوءِ چانڊڪا اسپتال آيس جتي منهنجو علاج نه پيو ڪيو وڃي

هن چيو ته ڊاڪٽر مون کي علاج لاءِ ڪراچي موڪلي رهيا آهي، مون وٽ ايترا پيسا ناهن جو مان ڪراچي وڃان

هن صحت کاتي جي عملدارن کان اپيل ڪئي ته خداره مان غريب آهيان مون جو علاج ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل پورهيت جي وارثن کان ڀنگ طلب