لاڙڪاڻو: عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل پورهيت جي وارثن کان ڀنگ طلب

0
154

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي  ويجهو خيرپور جوسو لڳ ڳوٺ ٻلهڙاجي رهواسي عورتاڻي آواز تي ميبنا اغوا ٿي ويل 6 ٻارن جي پيءُ محمد حسن ملهو جي بازيابي لاءِ سندن وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي مغوي جي ڀائرن غلام شبير، امام الدين، پٽ امير علي، سفير علي، گهرواري مائي ڪوڙي، امام زادي، ڌيئرن شازيه ۽ نائلا ۽ ٻن دانهيدي چيو ته اسان جو ڀاءُ مختلف شهرن ڪنڌڪوٽ، شڪارپور سميت ٻين شهرن ۾ هوٽلن تي مزدوري ڪندو هو جيڪو 8 ڏينهن کان لاپتا آهي

جنهن جي فون تان اسان جي ڀاءُ غلام شبير ملهو کي فون ڪري ٻڌايو ويو آهي ته توهان جو ڀاءُ محمد حسن ملهو اسان جي قبضي ۾ آهي، 20 لک ڀنگ ڏئي ڇڏائي وڃو

اهڙي فون اچڻ بعد اسين ايس ايس پي لاڙڪاڻو وٽ آياسين جتي نمبر جي لوڪيشن پوليس غوث پور ٻڌائي رهي آهي

هنن چيو ته پوليس چئي رهي آهي ته اسان جي رينج ناهي اوهان پنهنجي ڪوشش ڪيو اسين غريب مسڪين آهيون اسان ڪنهن کي دانهن ڏيون مجبور ٿي اسين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري رھيا آھيون خدارا اسان جو ڀاءُ بازياب ڪرائي ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي