ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نواز علي ڀرسان ڳوٺ گهنشام مڪراني بلوچ ۾ نوجوان ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، مقتولا جي والد، ڀاءُ، سئوٽ سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ان ڏس ۾  ڳوٺ گهنشام مڪراني بلوچ ۾  17 ورهين  جي جويريا مڪراڻي بلوچ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش ڳجھه ڳوهه ۾ ڀرواري قبرستان ۾  دفن ڪيو ويو، ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته  ناري 3 ڏينهن اڳ پسند جي شادي لاءِ  پنهنجي ئي برادري جي نوجوان سان گهران نڪري وئي هئي، جنهن کي مائٽن جي  ڪوششن بعد مائٽ واپس گهر وٺي آيا، جنهن بعد  ناري کي بي دردي سان  قتل ڪيو ويو، اطلاع تي  ٻيراڻي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي، رابطو ڪرڻ ته ٻيراڻي پوليس ٻڌايو ته نوجوان ناري کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي،  پوليس موجب ته قتل ٿيل ناري  جو لاش هٿ ڪري ورتو آهي، مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي، هوڏانهن سرڪاري جي  فرياد تي مقتولا جي پيءُ يوسف مڪراني، ڀاءُ الطاف مڪراني، سئوٽ ولي محمد مڪراني، نور محمد مڪراني، عبدالغني مڪراني سميت 5 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  ٻيراڻي ٿاڻي جي ايس ايچ او گلذار مري موجب ته  قتل ۾ ملوث مک جوابدار الطاف مڪراني کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن جي نشاندهي  تي قبرستان جي ڀرسان زمين تي  پهچي ناري جو لاش هٿ ڪيو، جتي ناري جي لاش کي لڪايو ويو هو،  پوليس موجب ته جوابداراعتراف ڪيو ته  گهر ڀاتين سان گڏ جي ناري کي قتل ڪيو آهي، جوابدار اهو به   اعتراف ڪيو ته غيرت ۾ ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي.