خيرپور (رپورٽر) سينٽرل جيل خيرپور ۾ واڙيل قيدين جي وارثن کان ملاقات لاءِ ماهوار اوڳاڙي معمول بڻيل، ڏوڪڙ وٺڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ قيدي کان ماهوار 5 هزار کان 20 هزار رپيا رشوت ورتي وڃي ٿي. خبر موجب سينٽرل جيل خيرپور ۾ واڙيل قيدين جي وارثن کان ملاقات لاءِ ماهوار رشوت وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ قيدي کان ماهوار 5 هزار رپين کان 20 هزار رپيا ورتا وڃن ٿا، رشوت نه ڏيندڙ قيدين مٿان تشدد ڪيو وڃي ٿو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ واضح نموني ڏسي سگهجي ٿو ته جيل اندر چوڪي تي موجود اهلڪار قيدين جي وارثن کان پئسا وٺي رهيا آهن. هوڏانهن جيل سپرنٽينڊنٽ نائب علي ٻانڀڻ جو ان حوالي سان چوڻ هو ته اسان کي اهڙي ڪابه ڄاڻ ناهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.