ڄام صاحب (ن پ ا) عيد ڏھاڙي ڄام صاحب ٿاڻي جي حد اٺھٺ موري ڀرسان ديهه 43 نصرت ڳوٺ شاھنواز بروھي ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿيڻ ڪري لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري صدام بروھي، خادم بروھي، نديم بروھي، جاويد بروھي، بشير بروھي ۽ امام علي بروھي زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڄام صاحب پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي پي ايم سي اسپتال نواب شاهه موڪلي ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڄام صاحب ٻڌايو ته ٽئين ڏينھن تائين اسان وٽ ٻنھي ڌرين مان ڪير به ناھي آيو.