چڪ (ن پ ا) رستم لڳ ڳوٺ چهڙي ۾ شر ۽ عطراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ياسين عطراڻي، نظام عطراڻي، سجاول عطراڻي، نظير شر ۽ ڀاڳيل شر زخمي ٿي پيا، جن کي سکر ۽ شڪارپور جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو.