ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ۾ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏي آهي، غريب آباد ڪالوني جي واسي نوجوان ڪوٽڙي بئراج  پل تان سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، 20 ورهين جي منور شيخ گهرو پريشاني سبب المنظر پل وٽ پهچي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقامي ٽوٻن ذريعي لاش جي ڳولا ڪرائي پر آخري اطلاعن تائين لاش هٿ ناهي اچي سگهيو، هوڏانهن نوجوان جي آپگهات جا سبب معلوم ناھي ٿي سگهيو.