دادو/ سيتاروڊ (نمائندن وٽان) راڄوديرو پوليس سومر جي رات دير سان مبينا مقابلي ۾ 3 ڄڻن امتياز جهتيال ، علي بخش بروهي ۽ عباس چانڊيو کي ٽَنگن ۾ گوليون هڻي هاف فراء ڪري ڇڏيو آهي ، پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيلن کي رات دير سان دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ، ايس ايس پي دادو عرفان احمد سمون مقابلي بابت جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري ميهڙ جي شهري سعيد سولنگي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري راڄو ٿاڻي جي حد ۾ آيا جن گشت ڪندڙ پوليس کي ڏسي سڌي فائرنگ ڪئي ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 3 ڏوهارين امتياز جهتيال ، علي بخش بروهي ۽ وزير عرف عباس چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي ، زخمي ٿيل امتياز جهتيال 4 پوليس مقابلن ، علي بخش بروهي ڳوٺاڻي گل حسن بروهي جي قتل ۾ ملوث هو ۽ وزير چانڊيو پوليس مقابلن ، ڌاڙن ، ڦرن جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو ، ٻئي طرف مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪيل ٽنهي ڄڻن کي راڄو ديرو پوليس رمانڊ لاء پوليس جي سخت پهري ۾ سيڪنڊ سول جج جوهي ايٽ دادو جي عدالت پهچايو آهي ، عدالت ٽنهي زخمين کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل ڪسٽڊي حوالي جا حڪم ڏنا جنهن کانپوء پوليس ٽنهي زخمين کي ڊسٽرڪٽ جيل دادو حوالي ڪيو آهي ، زخمين سڪينڊ سول جج جوهي ايٽ دادو عدالت ۾ دانهيو آهي ته هو ڦلجي اسٽيشن ۾ هوٽل تي ويٺا هئا ته پوليس کين گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ رات دير سان ٽَنگن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي ، اسان پوليس تي فائرنگ ناهي نه ئي مقابلو ٿيو آهي.