ڄامشورو مان گم نوجوان سرويچ نوحاڻي جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سخت ڪاوڙ

0
365

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد پاران ڄامشورو مان نوجوان سرويچ نوحاڻي کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي ڄامشورو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيوويو

عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو ۽ جي آءِ ٽي ۾ شامل ميمبر، پٽيشنر ۽ وڪيل پيش ٿيا

 ايس ايس پي ڄامشورو عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سرويچ نوحاڻي بابت خبر آهي ته هو ڪٿي آهي پر في الحال کيس ظاهر نه ٿا ڪري سگهون

جسٽس محمود اي خان اهڙي جواب تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته اوهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو، اوهان ۾ پروفيشنل صلاحيت ئي ناهي، اسان ڪيئن مڃون ته اوهان سرويچ تائين پهچي چڪا آهيو، اوهان کي خبر آهي ته پوءِ کيس پيش ڪيو

 وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سرويچ نوحاڻي جي بازيابي لاءِ عدالتي حڪم تي هيل تائين 23 جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون پر نوجوان ناهي ملي سگهيو

جسٽس محمود اي خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته معاملي کي 3 سال ٿي ويا آھن، ڇا اسان رڳو عدالتن ۾ تاريخون ڏيڻ لاءِ ويٺا آهيون؟

عدالت حڪم ڏنو ته 10 ڏينهن ۾ نوجوان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جي آءِ ٽي ۾ شامل سمورا ميمبر پيش ٿين

هي به پڙهندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس پي شاهه محمد ۽ ڊاڪٽر دلشاد جي قتل ۾ سزا ٻڌايل جوابدار کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو