ڀارتي مشهور اداڪاره پونم پانڊي لاڏاڻو ڪري وئي

0
170
ڀارتي مشهور اداڪاره پونم پانڊي لاڏاڻو ڪري وئي
ڀارتي مشهور اداڪاره پونم پانڊي لاڏاڻو ڪري وئي

ڀارتي اداڪاره ۽ ماڊل پونم پانڊي 32 سالن جي عمر ۾ ڪينسر جي ڪري لاڏاڻو ڪري وئي

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره پونم پانڊي سروائيڪل ڪينسر ۾ مبتلا هئي

اداڪاره جي موت جي تصديق ان جي ٽيم جي طرفان هُن جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪئي وئي

اداڪاره جي موت جو اعلان هُن جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪيو ويو، جنهن ۾ لکيو ويو ته اڄ صبح اسان جي لاءِ هڪ مشڪل ترين صبح آهي ۽ اسان اهو ٻڌائيندي ڏکارا آهيون ته اوهان سڀني جي پياري پونم پانڊي سروائيڪل ڪينسر جي ڪري هن دنيا کي ڇڏي وئي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره کي 2011 ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ دوران تڪراري بيان جي ڪري شهرت ملي هئي، هن مختلف فلمن ۽ رائليٽي شو ۾ به ڪم ڪيو، پونم پانڊي جي بالي وڊ فلمن ۾ نشه، آگيا هيرو شامل آهن