دبئي (اسپرٽس نيوز) ڀارتي آل رائونڊر رويندرا جديجا ايشيا ڪپ کان ٻاهر ٿي ويو. رويندرا جديجا ساڄي گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ويو، رويندرا جديجا جي جاءِ تي اڪسر پٽيل کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جو چوڻ آهي ته اڪسر پٽيل اسٽينڊ باءِ رانديگر هو جلد دبئي ۾ اسڪواڊ کي جوائن ڪري وٺندو.