لاهور(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) پاڪستان جي دوري لاءِ ٽي 20 اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب انگلش ٽيم جي قيادت جا فرض جوز بٽلر نڀائيندو جڏهن ته اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ معين علي، جورڊن، سيم ڪيرن، ڊيڪٽ، ڊيوسن، گليسن، ٽوم هيليم، ويل جيڪس، ملان، راشد، سالٽ، اولي سٽون، ٽوپلي، ويلي، ووڪس، ليوڪ ووڊ ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 7 ٽي 20 ميچز تي مشتمل سيريز جي شروعات 20 سيپٽمبر کان ٿيندي، چار ميچز جي ميزباني ڪراچي ۽ ٽي ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. ٻئي طرف انگلينڊ جي جارحاڻي مزاج جي اوپنر ليام ليونگ اسٽون جي دوري پاڪستان ۾ شموليت شڪي آهي، جڏهن ته بين اسٽوڪس کي به آرام ڏنو ويو آهي.