دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر فخر زمان هانگ ڪانگ سان ميچ کان اڳ ڳالهائيندي چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن به ٽيم کي آسان نٿو وٺي سگهجي، هانگ ڪانگ ٽيم ڪواليفاءِ ڪري ايشيا ڪم ۾ پهتي آهي پوري رڌم سان ميچ کيڏنداسين. هن چيو ته ٽيم پراعتماد آهي ايندڙ ميچز ۾ سٺو ڪنداسين ۽ اميد آهي ايندڙ ميچز لاءِ سمورا رانديگر دستياب هوندا. انجريز جي حوالي سان هن چيو ته ڪريمپس ۽ انجري راند جو حصو آهي پر اهم ڳالهه اها آهي ته انهن مان ڇوٽڪار ڪيئن حاصل ڪيو وڃي، ميڊيڪل ٽيم سمورن رانديگرن کي فٽ رکڻ لاءِ محنت ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ  سٺي ٿي هڪ وقت ۾ ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ميچ اسان جي هٿ ۾ اچي وئي آهي، هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ رانديگر ميچ جو نتيجو تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، ڀارت خلاف اسان ٽيم طور سٺو کيڏياسين پر بهتري جي گنجائش رهندي آهي.