لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ روهت شرما جي باڊي لينگويج تمام خراب آهي اهو خوفزده نظر اچي رهيو آهي. سماجي رابطي جي سائٽ ٽوئٽر تي اڳوڻي ڪپتان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته هانگ ڪانگ خلاف ميچ ۾ جڏهن روهت شرما ٽاس لاءِ آيو ته هن جي باڊي لينگويج تمام خراب هئي، اهو خوفزده ۽ ڪنفيوز نظر آيو. هن چيو ته ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني روهت شرما تي تمام گهڻو دٻاءُ وجهي رهي آهي، جنهن سبب اهو بيٽنگ ۾ پرفارم نٿو ڪري سگهي. محمد حفيظ چيو ته مان سمجهان ٿو ته ٽيم جي قيادت جو ڪيترو دٻاءُ هوندو آهي، روهت کي ڪيترن ئي موقعن تي ڏٺو آهي اهو بيٽنگ مان لطف اندوز ٿيندو آهي پر ڪپتاني کانپوءِ هن جي پرفارمنس تي اثر پيو آهي.