راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) راولپنڊي ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي تي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد تي ميچ في جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ميچ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي سرفراز احمد بلوچستان خلاف ميچ ۾ ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪئي، هن آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ نامناسب رويي اختيار ڪيو جنهن تي آن فيلڊ امپائر محمد آصف ۽ امتياز اقبال ٿرڊ امپائر راشد رياض ۽ فورٿ امپائر ناصر حسين هن تي آرٽيڪل 2.3 جي ڀڃڪڙي جو الزام لاڳو ڪيو. سرفراز احمد پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ ميچ ريفري نديم ارشد جي تجوير ڪيل 30 سيڪڙو ڏنڊ جي سزا قبول ڪئي.