دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان هانگ ڪانگ کي 155 رنز تان بدترين شڪست ڏئي سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، هانگ ڪانگ ٽورنامينٽ کان ٻاهر. ان سلسلي ۾ هانگ ڪانگ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنز ٺاهيون، بابراعظم 9 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ فخر زمان 53 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، محمد رضوان 78 رنز ٺاهيون، خوشدل شاهه 15 بالن تي 5 ڇڪن جي مدد سان 35 رنز جي جارهاڻي اننگ کيڏي. هانگ ڪانگ طرفان احسان خان 2 وڪيٽون ورتيون. هانگ ڪانگ جي ٽيم 10.2 اوورن ۾ 38 رنز تي ڍير ٿي وئي. هانگ ڪانگ جو ڪوبه رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيو. پاڪستان طرفان شاداب خان 8 رنز ڏئي 4، محمد نواز 5 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. نسيم شاهه 2 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ وڪيٽ ورتي. آچر ڏينهن سپر فور مرحلي ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو ٿيندو.