ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت لڳ ڳوٺ وليو کوسو ۾ معصوم نياڻي ٻارهن سالا ناديه ٻٻر کي پرڻائڻ واري معاملي جو سرڪار پاران ايس آءِ روشن جي فرياد تي گهوٽ سودو ڇهن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ڇوڪريءَ جي پيءُ عبدالرزاق ٻٻر گهوٽ سهيل پٽ معشوق کوسو سندس پيءُ معشوق علي سهولت ڪار عاشق پٽ منير کوسو منير پٽ معشوق کوسو ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي غلام حيدر کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ ڪونه آئي آهي، نه ئي نينگري ناديه بازياب ٿي آهي. پوليس پاران ڳوٺ وليو کوسو ۾ گشت جوابدارن پاران راڄوڻي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.