پ پ ۽ جي يو آءِ اڳواڻن بي اعتمادي رِٿ پيش ٿيڻ جون تاريخون ٻڌائي ڇڏيون

0
170

ڪراچي (م ڊ) پ پ ۽ جي يو آءِ اڳواڻن بي اعتمادي رِٿ پيش ٿيڻ جون تاريخون ٻڌائي ڇڏيون، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته 8 يا 9 مارچ تي بي اعتمادي رِٿ پيش ڪئي ويندي، اسان جا نمبرز پورا ٿي ويا آهن، رياست بچائڻ لاءِ عمران خان کي وڃڻو پوندو

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته امپائر کي غير جانبدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان کان اڳ خورشيد شاهه وزيراعظم کي هٽائڻ کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هٽائڻ جو فارمولو ڏنو هو، مولانا فضل الرحمان ان فارمولي تي نواز شريف ۽ آصف علي زرداري سان رابطن دوران غور ڪيو هو

ان جي ابتڙ مولانا فضل الرحمان تجويز ڏني هئي ته ماحول پيدا ڪيو وڃي ۽ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ ۾ دير نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن پهرين اسپيڪر خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته پوءِ وزيراعظم وٽ ميمبرن کي منظم ڪرڻ جو وقت هوندو، جيڪڏهن اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿي ته عمران خان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري سگهي ٿو، ان صورت ۾ مخالف ڌر ڇهن مهينن تائين عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ نه آڻي سگهندي، اسپيڪر کي هٽائڻ بعد وزيراعظم کي هٽائڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت ٺيڪ نه هوندو

جڏهن ته جي يو آءِ اڳواڻ غفور حيدري چيو آهي ته سڀاڻي يا پَرين بي اعتمادي رِٿ پيش ٿي ويندي، نااهل حڪمرانن مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو

شاھ محمود قريشي عمران خان

عمران خان تعزيت تي به نه ويندو هو، هاڻي ق ليگ ۽ متحده سان ملڻ لاءِ وڃي ٿو: سعيد غني

ٻئي پاسي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان تعزيت تي به نه ويندو هو، اُهو هاڻي ق ليگ ۽ متحده سان ملڻ لاءِ وڃي ٿو، ظاهر ٿيو ته ڳالهه وڌي وئي آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جلد سليڪٽيڊ حڪومت جان آجي ٿيندي، سنڌ جي عوام گهوٽڪي مان نڪتل جوڪر مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ به کين خواري جو منهن ڏسڻو پوندو

هن چيو ته عمران خان جي چوڻ تي پنجاب ۾ پ پ جي لانگ مارچ اڳيان رنڊڪون پيدا ڪيون ويون، اهڙيون سازشون ٿينديون رهيون ته جيالن جو ردعمل اچي سگهي ٿو