ڪراچي (م ڊ)  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردن طرفان منهنجو ۽ منهنجي پارٽي جو نالو وٺي سڌيون سنئيون  ڌمڪيون ڏيڻ بعد عمران خان هاڻي منهنجي والد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي غلط الزام لڳائي رهيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي بيان سان منهنجي والد، منهنجي فيملي ۽ منهنجي تعلق وارن لاءِ خطرا وڌي ويا آهن، اسان پنهنجي خاندان جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي عمران خان جي الزامن کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهيون، اسان عمران خان جي تازن توهين آميز ۽ خطرناڪ الزامن جي حوالي سان قانوني رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، عمران خان الزامن کان پهرين منهنجي والد کي بندوق جي نوڪ تي رکڻ جي ڌمڪي به ڏئي چڪو آهي، عمران خان ۽ سندس ساٿين پاران دهشتگردن جي سهولتڪاري ۽ همدردي جي حوالي سان دستاويز تاريخ جو حصو آهن، عمران خان جڏهن حڪومت ۾ هو ته ان دهشتگردن کي آزاد ۽ جمهوريت پسندن کي گرفتار ڪيو، عمران خان خيبر پختونخوا کي دهشتگرد تنظيمن جي حوالي ڪيو، اڄ تائين سندس  پارٽي دهشتگرد گروهن جي فنڊنگ ڪندي آهي، جيڪڏهن مون تي، منهنجي والد يا پارٽي تي ڪو حملو ته ٿيو ته انهي جو به حساب ورتو ويندو، عمران خان کي سمجهڻ گهرجي ته هر ڀيري سندس زال کي خواب اچڻ تي هو ٽي وي تي اچي ماڻهن بابت الزام نه ٿو لڳائي سگهي، عمران خان جي گهرواريءَ جا خواب عدالتن ۾ ثابت نٿا ڪري سگهجن، عمران خان جو تازو الزام آهي ته منهنجي خاندان جو ڪنهن دهشتگرد تنظيم سان ڪو واسطو آهي يا اسان ڪنهن دهشتگرد  تنظيم ذريعي عمران خان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، عمران خان جو الزام نه صرف غير منطقي آهي پر انهي الزام اسان سڀني  لاءِ خطرا به وڌايا آهن، پيپلزپارٽي عمران خان کي چيلنج ڪندي، اسان دهشتگردن ۽ سندن سياسي فرنٽ مين کي پروپيگنڊا جو ٻارڻ  ٿيڻ نه ڏينداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي  عمران خان  پاران آصف زرداري مٿان کيس قتل ڪرائڻ جي جي سازش سٽڻ جي الزام تي قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عمران پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندو آهي، عمران خان پاڻ طالبان خان آهي، عمران خان انتهائي ڪريل الزام هنيو  آهي ته پيپلزپارٽي عمران کي مارائڻ لاءِ دهشتگرد تنظيمن کي پيسا ڏنا آهن، پيپلزپارٽي عمران خان  کي قانوني نوٽيس موڪليندي، عمران خان بيان واپس نه ورتو ته سندس خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين، سپريم ڪورٽ عمران خان جي بيان جو نوٽيس وٺي جاچ  ڪرائي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي  پ پ اڳواڻ  نير بخاري جو چوڻ هو ته عمران خان پاران الزام هڻڻ جو سلسلو پراڻو  آهي، هو يوٽرن وٺڻ  بدران هاڻ قلابازيون کائي رهيو آهي، سندس سياست دفن ٿي چڪي آهي، ڊپريشن جي شڪار عمران خان جا سڀ الزام بي بنياد آهن، هو سياسي طور تي مري چڪو آهي،  پيپلزپارٽي عمران کي ليگل نوٽيس ڏيندي، جيڪڏهن هن بيان واپس نه ورتو ته اسان وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين،  پ پ اڳوڻ فرحت الله بابر چيو ته طالبان خان عمران خان پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندو رهيو آهي، پيپلزپارٽي پاڻ انتهاپسندي جي خلاف آهي، اها عمران خان کي مارائڻ لاءِ انتها پسند تنظيمن کي پئسا ڪيئن ٿي ڏئي سگهي؟  ڪشمير مامرن بابت وفاقي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو ته وايون بتال ٿيل عمران خان ادارن کانپوءِ هاڻي آصف زرداري تي به ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي، عمران خان پنهنجن الزامن جا ثبوت پيش ڪري، ٻي صورت ۾ کيس سزا ملڻ گهرجي، هن چيو ته عمران جي سياست جمهوري ناهي، سندس دهشتگرد تنظيمن کي پئسا ڏيڻ جو الزام انتهائي ڪريل آهي، آئون سپريم ڪورٽ کي به گذارش ڪندس ته الزامن جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين،  هن ته عمران خان جڏهن به مشڪل ۾ هوندو آهي پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندو آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم دور ۾ ڪا به سياسي گرفتاري ناهي ٿي،فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي گرفتار ڪيو ويو آهي، عمران خان ڪارڪنن کي ڀڙڪائي ادارن سان ويڙهائڻ چاهي ٿو.