حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊن لاءِ اميدوارن جو فيصلو ڪري نه سگهي جڏهن ته اختلاف نبيرڻ لاءِ پ پ اڳواڻ ضياءُ لنجار جي سربراهي  ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يوسيز تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ هڪ اجلاس نوابشاهه ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پ پ جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ سينيٽر مولابخش چانڊيو وچ ۾ اختلاف کلي سامهون آيا. ذريعن موجب حيدرآباد جي پارٽي تنظيم پاران به ڄام خان شورو پاران پيش ڪيل اميدوارن جي لسٽ تي سخت اعتراض واريا ويا ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ٽڪيٽون نه ڏنيون ويون ته ان سان پارٽي جي تنظيم سازي سخت متاثر ٿيندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڄام خان شورو پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو جي پٽ عمير چانڊيو کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي سخت اعتراض واريو ۽ موقف اختيار ڪيو ته عمير چانڊيو کي ٽڪيٽ ڏيڻ سان يوسي تي ڪاميابي مشڪل ٿيندي. ان موقعي تي پ پ جي بااثر شخصيت علي حسن زرداري به لقمو ڏنو ۽ چيو ته ماڻهو چونڊون کٽيندا آهن پر پارٽي چونڊون ناهي کٽيندي. ان ڳالهه تي سينيٽر مولابخش چانڊيو احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هن پارٽي لاءِ ڪيترائي سال جيل ڪاٽيو آهي ۽ هاڻي کيس اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻيون پئجي رهيون آهن. ذريعن موجب اڳوڻي آءِ جي سنڌ عادل جمالي جي جاءِ تي پ پ جي هڪ مقامي اڳواڻ اقبال سومرو ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ نامزد ڪرڻ تي پڻ اعتراض واريو ويو ۽ چيو ويو ته اقبال سومرو گذريل عام اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنا هئا ان ڪري کيس ٽڪيٽ نه ڏني وڃي. تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي ٻهرام، هٽڙي ۽ مسوڀرڳڙي وارن علائقن تي مشتمل ٽن يوسين تي ڄام خان شورو جي مرضي مطابق اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ تي پڻ تنظيم پاران اعتراض واريا ويا.