اشو آف دي ڊي حڪومت کي اوهان جي دفاع جو ڪيڏو فڪر آهي: وفاقي بجيٽ تي عوام جو ردعمل

0
86
اشو آف دي ڊي حڪومت کي اوهان جي دفاع جو ڪيڏو فڪر آهي: وفاقي بجيٽ تي عوام جو ردعمل

وفاقي حڪومت پاران بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بجيٽ جي حوالي سان مختلف سوال اٿاريا ويا ۽ حڪومت مٿان تنقيد ڪئي وئي. بجيٽ تي بحث جاري رهيو. ان حوالي سان اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1523 ارب ۽ تعليم لاءِ 65 ارب ۽ ماحوليات لاءِ 10 ارب رکيا ويا آهن. جنهن تي سيما شيخ لکيو ته دفاع جي شديد ضرورت آهي قوم کي، تعليم هوندي ته دفاع لاءِ بجيٽ ڇو رکنداسين، مشتاق راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ترقياتي بجٽ ۾ 19 سيڪڙو جي ڪٽوتي، دفاع جي بجٽ ۾ 153 ارب رپين جو اضافو، پوءِ وري چون ٿا ملڪ ترقي نه ٿو ڪري؟؟؟ وفاقي حڪومت جي آمدني 7000 ھزار ارب، قرض جي واپس 4000ھزار ارب، فوج جي بجٽ پينشن سميت 2000 ھزار ارب، باقي سڄو ملڪ ھلند و ھڪ ھزار اربن ۾.جنهن تي مظهر ميمڻ لکيو ته دنيا امن سان رهيل آهي اسان وٽ خبر ناهي ڇا آهي، اصغر سومرو لکيو ته ترقي اهي ڪندا جن کي وڌيڪ پئسو ۽ اختيار ملن ٿا باقي ملڪ جو حال سڀني جي سامهون آهي. ساجد علي چنا لکيو ته باقي گذارو پنڻ تي ٿيندو،

بشير احمد شاهاڻي لکيو ته باقي هڪ هزار وري سياستدان چوري ڪندا ماڻهو وڃي مٽي کائن، فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمراني حڪومت ته سال ۾ ڇهه لک ڪمائيندڙ کي به نه ڇڏيو هو. هاڻي 12 لک سالياني انڪم واري کي به ٽئڪس ڇوٽ، بهتر فيصلو آهي، سولر، ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزارن تي ٽيڪس ڇوٽ يا رعايت سان آبادگارن ۽ زراعت کي فائدو ٿيندو. ڏکين حالتن ۾ بهتر بجيٽ آهي،گهڻو ڪمائيندڙن تي بار، ريئل اسٽيٽ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ، زراعت، نوجوانن،اعلي تعليم تي ڌيان، اهو ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت ڪيڏانهن وڃڻ چاهي ٿي. جنهن تي نور احمد ڪاتيار لکيو ته بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس لڳندا، ان جي به موجوده حڪومت کي مبارڪ ڏيڻ گهرجي، ماجد مانجها لکيو ته غريب ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا امپورٽيڊ حڪومت، حڪمران ڪهڙو پاڻ ٽيڪس ڀريندا آهن.،محب علي قربدار لکيو ته وري به نيازي کان بهتر بجيٽ آهي، ياسين ڏاهري لکيو ته سنڌ سڪي وئي اوھان کي ٺيڪ ٿو لڳي، مھانگائي ڳاٽي ٽوڙ ٿي وئي آهي اوھان کي سڀ ٺيڪ ٿو لڳي،  اصل ۾ اوھان ڏسڻ ھنن کي ٿا چاھيو ان ڪري ھنن جي ھر ڳالهه ۾ تعريف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھيو،

ڪاشف خواجه لکيو ته نه پيٽرول گهٽيو، نه يوريا ۽ ٻيا ڀاڻ گهٽ ٿيا، هاري مزدور آبادگار کي ڪابه رعايت نه ملي، مهانگائي اڳ کان گهڻو وڌيل آهي، وزير ويٺا سرڪاري مال تي موجون ڪن ٿا. سليم جروار لکيو ته هيٺين طبقي کي رليف ملڻ گهرجي. اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دفاعي بجيٽ 15 سئو ارب رپين کان مٿي، تعليم صحت فقط 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. نثار لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ ۾ 333 ارب رپين جا نوان ٽيڪس عوام تي لاڳو ڪيا ويا، جنهن تي ڪامريڊ لياقت لکيو ته عوام جو رت پي ويا هاڻي عوام جا هڏا رڙڪي کائي رهيا آھن، شفيع محمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفاقي بجيٽ ۾ ھر شيء ۾ واڌ ڪرڻ ۾ ڪسر ڪانه ڇڏي وئي ،ڪجھہ قدر ملازمن جي پگهارن ۾ به واڌ ڪئي وئي ، مگر رٽائرڊ ملازمن کي صفا رٽائر ڪيو ويو آهي. انھي ڪري سڀني ملازمن کي متحد ٿي ، اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪرڻ گھرجي.

الطاف جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان بجيٽ م عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 1515 رکيا هنن گهٽ ڪري صرف 699 ارب رکيا، جنهن تي عبدالغفار لکيو ته اڌ بجيٽ ته قرض جي وياج ۾ وڃي ٿي قرض ساڳيو آهي، امداد لاشاري لکيو ته هنن وٽ پئسي جي کوٽ آهي، ابراهيم علي جمالي لکيو ته ۽ اھو رليف وارو پئسو عوام تي خرچ ٿيو يا وچان گم؟ اصل اھا شيءَ ڏسڻي آ. رقم رکجي گھڻي ۽ پھچي عوام تائين ٿوري ته بھتر آ ته رکجي ئي ٿوري. مير محمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 352 ارب جا سڌا ٽيڪس . پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 750 ارب ۽ ان تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس . 699 ارب جي سبسڊيز جو خاتمو . پيٽرول 23 رپيا لٽر ۽ ڊيزل 55 روپيا وڌ يڪ اضافو ، ان کانسواءِ بجلي 11 روپيا في يونٽ اضافو . 45 سيڪڙو گئس ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي وڌڻ جو امڪان آهي، اٽو ڏيڍ سو رپيا ڪلو ۽ کاڄرو تيل ھزار رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي.

علي سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان حڪومت بجيٽ ۾ هر شهري جي صحت لاءِ 27 رپيا، تعليم لاءِ 54 رپيا ۽ دفاع لاءِ 7209 رپيا رکيا آهن. ڏسو حڪومت کي توهان جي دفاع جو ڪيڏو فڪر آهي. سجاد ٿهيم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ ۾ 333ارب رپين جا نوان ٽيڪس عوام تي لاڳو ڪيا ويا. لاهوتي اويس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي ماھر صحافي بجيٽ کي سمجھي ويا آھن. انھن کي عرض آهي اسان کي رڳو اھو ٻُڌائن ته زري گھٽ پنج سئو ارب وارا ٽيڪس ڀريندو ڪير؟ عطاءُالله خاصخيلي لکيو ته هن بجيٽ ۾ ڪنهن به غريبن جي لاءِ ڪوئي پيڪيج نه ڏنو ويو ويتر کائڻ ۽ پيئڻ واريون شيون مهانگيون ڪري عوام کي رولي ڇڏيو هن لوٽن واري سرڪاري ملازمن جي لاءِ 15 فيصد پگهار ۾ واڌ ڪئي، سرڪاري ملازمن جون 40 فيصد پگهارون گهٽائي هر ماڻهون کي رليف ڏنو وڃي اگر سستائي هوندي ته غريب امير سرڪاري ملازمن کي فائدو ٿيندو. احسان باريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان جي ھڪ انتھائي غريب طبقي لاءِ بجيٽ ۾ 1600 ارب رکيا ويا آهن.