پڊعيدن ۾ نابين کان سهرو زال کسي ويو، نابين پريس ڪلب پهچي ويو

0
205
پڊعيدن ۾ نابين کان سهرو

پڊعيدن(ن پ ا) پڊعيدن ۾ نابين کان سهرو زال کسي ويو، نابين زال واپس ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو ۽ سخت احتجاج ڪيو

ڳوٺ غازي نان ملڪ جو رهائشي نابين اقبال احمد ملڪ سُهري سهراب ملڪ خلاف دانهيندي چيو ته سهراب ملڪ 6 مهينا اڳ منهنجي زال لال خاتون کي زبرستي مون سان وڙھي کسي ويو آھي، مون کي 3 نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي

هن چيو ته ايس پي نوشھروفيروز ۽ ايس ايڇ او پڊعيدن کان مطالبو ڪيان ٿو ته  زال واپس ڪرائي ڏين، مان پني ڪري به ٻچن کي کارائيندس، مون کي زال ۽ ٻار واپس ڪرائي ڏنا وڃن، ٻئي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻيندس