ناظم جوکيو ڪيس: ڄام اويس بنا ھٿڪڙين جي عدالت ۾ پيش

0
371
شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس

ملير (ن پ ا) ملير جي عدالت شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام کي بنا هٿڪڙين جي پيش ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پ پ ايم اين اَي ڄام عبدالڪريم بجار، نياز سالار، احمد شورو، عطا محمد  ۽ زاهد روپوش قرار ڏنو ويو

ملير پوليس ڪيس جو عبوري چالان عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن ۾ پ پ ايم اين اَي ڄام عبدالڪريم بجار، نياز سالار، احمد شورو، عطا محمد  ۽ زاهد لي روپوش ڄاڻايو ويو

ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي ۽ جوابدارن جي وڪيلن ۾ سخت جملن جِي ڏي وٺ ٿي،  جوابدار جَي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايم پي اَي ڄام اويس گهرام پاڻ گرفتاري پيش ڪئي آھي هو فرار نه ٿيندو

عدالت چيو ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ واري درخواست تي 20 ڊسمبر تي ٻڌڻي ٿيندي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 دسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ڌنڌوڙي ماڻهو جعلي اڪائونٽ ٺاهي بدنام پيا ڪن: شيرين جوکيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي روئي ڏنو