ڌنڌوڙي ماڻهو جعلي اڪائونٽ ٺاهي بدنام پيا ڪن: شيرين جوکيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي روئي ڏنو

0
382

ڌاٻيجي (رپورٽ: فقير سليم) شهيد ناظم جوکيو جي بيوهه شيرين جوکيو چيو آهي ته ڪجهه ڌنڌوڙي ماڻهو منهنجي نالي تي جعلي آءِ ڊيز ۽ اڪائونٽ ٺاهي پنهنجا گهر ڀري رهيا آهن ۽ مون کي بدنام ڪري رهيا آهن. ٽائيم نيوز کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ شيرين جوکيو ماڻهن پاران فون ڪالز ڪري تنگ ڪرڻ جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو

شيرين جوکيو چيو ته مان صدمي واري حالت ۾ هيس ۽ ان وقت غلطي سان هڪ وڊيو ريڪارڊ ڪرايو، مون کي خبر نه هئي ته ڇا پئي چوان، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهو منهنجي نالي تي مختلف اڪائونٽس ۽ آءِ ڊيز ٺاهي پئسا گڏ ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجا گهر  ڀري رهيا آهن. مون کي سوشل ميڊيا تي اهو چئي بدنام ڪيو پيو وڃي ته مان پنڻ شروع ڪيو آهي

شهيد ناظم جوکيو جي ونيءَ روئيندي چيو ته مان هٿ ٻڌي سڀني کي چوان ٿي ته مان وڏي تڪليف ۾ آهيان ۽ مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪيو. مون کي فون ڪالز ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ نه وري مون کي پئسا گهرجن ٿا. مون کي رڳو انصاف کپي. شيرين جوکيو چيو ته سڀني ڀائرن کي اپيل ٿي ڪريان ته مون کي فون ڪالز ڪري تنگ نه ڪيو وڃي ۽ نه وري منهنجي نالي تي ماڻهن کان پئسا اوڳاڙيا وڃن. مان پورهيو ڪري پنهنجي ٻچڻ جو پيٽ پالينديس پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگينديس. منهنجو ڏير افضل جوکيو، مائٽ ۽ سموري سنڌ مون سان گڏ آهي

ھي به پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو جي ڪردار ڪهاڻي سندس بيوهه شيرين جوکيو جي زباني