پڊعيدن (ن پ ا) خوراڪ کاتي پڊعيدن گدام تي پيل 2013 جي پراڻي ڪڻڪ جي لاٽ کي اوچتو باهه لڳي وئي. چوڪيدار ڪريم بخش خاصخيلي ٻڌايو ته اسان ڪم ڪري رهيا هئاسين ته گند گاهه مان اوچتو باهه لڳي وئي. فوڊ انسپڪٽر الهبچايو عرف لونگ مري ٻڌايو ته باهه لڳڻ ڪري 45 سو ڪڻڪ جون ٻورين سڙي ويون آھن، ڪڻڪ 2013 ۽ 2014 ۾ خريد ڪئي وئي هئي. فوڊ انسپيڪٽر الهبچايو مري وڌيڪ ٻڌايو ته گدام تي پيل 28 هزار ٻوريون وقت تي نيڪال نه ٿيڻ ڪري هاڃيڪار ٿي ويون هيون جن مان هڪ لاٽ کي اچانڪ باهه لڳي گدام کي باهه ڪيئن لڳي؟ اهو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي. ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته ڪڻڪ وقت تي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي هئي ڪڻڪ صحت لاءِ هاڃيڪار ٿيڻ سبب سرڪاري خزاني کي ڏهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو نقصان پهتو پر اڃا تائين خوراڪ کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي. چوڪيدارن ۽ فائربرگيڊ وارن پھچي باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو.