ٺٽو/ جنگشاهي (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ، عبدالرئوف بروهي ) هاليجي ڍنڍ ويجھو باس باسڻ لاءِ آيل ڪراچي واسي باگڙي برادري جو موٽر سائيڪل چنگچي ڪي ڊي اي واھ ۾ ڪلٽي، چنگچيءَ ۾ سوار ڪنوار ۽ ٽن معصوم ٻارڙن سميت 5 ڄڻا ٻڏي ويا، 8 کي بچايو ويو، واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو. خبر موجب مڪلي ٿاڻي جي حد هاليجي ڍنڍ ڀرسان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪي ڊي اي واھ جي آر ڊي 88 پل وٽ تيز طوفاني هوائن سبب موٽرسائيڪل رڪشا ڪنٽرول مان نڪري واھ ۾ ڪلٽي ٿي پيو، ٻڏندڙ ماڻهن جي رڙين تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي 8 ڄڻن کي واھ مان ڪڍي بچائي ورتو. جڏهن ته 18 ورهين جي ڪنوار پوڄا ڌيءَ سيتا رام باگڙي ، 60 ورهين جو رڪشاءَ ڊرائيور دينو باگڙي ، 4 ورهين جي ليليٰ ڌيءَ روي داس ، 8 ورهين جي حنا ڌيءَ ديوداس ۽ 7 ورهين جو رامون پٽ ايران باگڙي سميت 5 ڄڻا ٻڏي ويا، جڏهن ته مقامي ڳوٺاڻن جي ڳولا بعد ٻڏي ويل ٻن ڄڻن ڪنوار پوڄا جنهن جي شادي رٿيل هئي ۽ ڊرائيور دينو باگڙي جي لاشن کي ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ٻڏي ويل 3 ٻارڙن ۾ شامل ٻن نينگرين ۽ هڪ نينگر جو لاش رات دير تائين ڳولا بعد هٿ نه اچي سگھيا هئا. ٻئي پاسي اطلاع ملڻ تي ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير واقعي واري هنڌ نيوي اهلڪارن سان گڏ پهچي ڪي ڊي اي ۾ ٻڏي ويل ٽن ٻارڙن جي لاشن جي ڳولا لاءِ نيوي اجي ٽوٻن جي مدد سان ريسڪيو آپريشن شروع ڪرائي ڇڏيو پر خبر جي فائيل ٿيڻ تائين ٽنهي ٻارڙن جا لاش هٿ اچي نه سگھيا هئا. هوڏانهن واقعي واري هنڌ تي سوڳ واري ماحول سان گڏ باگڙي برادري جي متاثرن جي گھرن ۾ پڻ روڄ راڙو مچي ويو آهي. جڏهن ته ڪي ڊي اي واھ مان ڪڍيل ٻن لاشن کي وارث سڏڪن ۾ پنهنجي گھر منزل پئٽرول پمپ ملير ڪراچي کڻائي روانا ٿي ويا.